دروهر راءِ

دروهر راءِ (تاريخي ڪردار): فتحنامه سنڌ عرف چچ نامه ۾ ڄاڻايل آهي ته دروهر راءِ، ڪيرج جو راجا هو. راجا ڏاهر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ان جي پٽ جئسينه بچيل لشڪر سميت ڪيرج جي حاڪم راجا دروهر راءِ وٽ وڃي پناهه ورتي. راجا دروهر راءِ، جئسينه جو شاندار استقبال ڪيو ۽ وعدو ڪيائين ته اسلامي لشڪر خلاف سندس مدد ڪندو. دروهر راءِ هر ڇهين مهيني هڪ ڏينهن عيش عشرت، شراب ۽ شباب جي محفل ڪرائيندو هو، جنهن ۾ ڪنهن به مرد کي اچڻ جي اجازت نه هئي. راجا دروهر راءِ انهيءَ محفل ۾ ڏاهر جي پُٽ راجا جئسينه کي اچڻ جي دعوت ڏني. جئسينه سندس چوڻ تي محفل ۾ شريڪ ٿيو، پر شراب ۽ عيش عشرت کان پاسو ڪيائين. راجا دروهر راءِ جي زور ڀرڻ تي جواب ڏنائين ته، ”اسين بنيادي راهب آهيون، ،تنهنڪري نا محرم عورتن ۽ شراب کان پاسو ڪندا آهيون.“ ان تي دروهر راءِ سندس حيا جي تعريف ڪئي. اُن محفل ۾ راجا دروهر راءِ جي ڀيڻ چڱي به موجود هئي، جيڪا دل ئي دل ۾ جئسينه تي عاشق ٿي پئي ۽ محفل ختم ٿيڻ کانپوءِ جئسينه جي خلوت گاهه ۾ وڃي پهتي ۽ پاڻ کي جئسينه کي ارپڻ گهريائين، پر جئسينه کيس نااُميد ڪيو، جنهن بعد دروهر راءِ جي ڀيڻ انتقام وٺڻ جو قسم کنيو. ٻئي ڏينهن دروهر راءِ کي چيائين ته سندس مهمان منهنجيءَ عزت ۾ هٿ وڌا آهن، اُن کان بدلو وٺ. راجا دروهر راءِ محل ۾ ٻن جلادن ڪڀير ڀدر ۽ پهئو کي گھرائي چيو ته هو اڄ منجھند جو جئسينه جي مهماني ڪندو. اوهان تيار رهجو، جڏهن آءٌ اشارو ڏيان ته هڪدم جئسينه کي قتل ڪري ڇڏجو. ان ڳالهه جي خبر جڏهن دروهر راءِ جي خاص ماڻهن کي پئي ته انهن ۾ هڪ راجا ڏاهر جو وفادار به هو، جنهن سڄو قصو وڃي جئسينه کي ٻڌايو. جئسينه پنهنجي سپاهين مان ٻن ٺڪرن تورسينه ۽ سورسينه کي پاڻ سان گڏ دروهر راءِ وٽ وٺي هليو ۽ کين چيائين ته جڏهن اسين ماني کائڻ بعد شطرنج کيڏون ته چپ چاپ اچي دروهر راءِ جي مٿان بيهجو ته جيئن هو ڪا لچائي نه ڪري سگھي. راجا دروهر راءِ اهو حڪم ته ڏنو ئي نه هو ته جئسينه سان گڏ ٻيو ڪو اندر نه اچي، ان ڪري جئسينه ٻنهي ٺڪرن کي گڏ اندر وٺي ويو. ماني کائڻ کانپوءِ شطرنج کيڏڻ دوران جيئن ئي راجا دروهر راءِ پنهنجن ماڻهن کي اشاري ڏيڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو ته جئسينه جا ٻه سپاهي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيو، ان دعوت کان پوءِ جئسينه ساڳئي ڏينهن لشڪر سميت اتان نڪري ڪشمير هليو ويو.


لفظ دروهر راءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو